هيءُ هڪ حقيقت رهي آهي ته سنڌ جو ادب هميشه کان ڪنهن نه ڪنهن انداز ۽ طريقي سان هيسايو، چيچليو، چيڀاٽيو ويو آهي. مغلن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور کان وٺي هيل جي جديد جهموريتي دعويداري ڪندڙ دور تائين سنڌ جو ادب هميشه کان وقت ۽ حالات سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. اهڙن لاهين چاڙهين سنڌ جي ادب ۾ هڪ منفرد ارڏائي ۽ بهادري پيدا ڪئي، جيڪا برصغير جي ڪنهن به ٻئي ٻولي جي ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي. ورهاڱي کان پوءِ پڻ سنڌ جي اديبن هڪ منفرد ۽ عظيم ادب کي تخليق ڏنو، جنهن جي مثال تاريخ ۾ ملڻ ناممڪن آهي.
جديد دور جي جديد تقاضائن جي پيشِ نظر اسان سنڌيءَ ادب کي انٽرنيٽ جي دنيا تي روشناس ڪرائڻ چاهيون ٿا. اسان سنڌيءَ زبان ۾ موجود سڀني املھه سنڌي ڪتابن کي انٽرنيٽ تي خلقِ عام لاءِ مفت مهيا ڪرڻ کي پنهنجو مشن ۽ مقصد بڻايو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي سنڌي ڪتاب اهڙا به موجود آهن جنن جي هڪ دفعي کان پوءِ ٻيهر ڪڏهن پبلشنگ ئي نه ٿي آهي. ۽ ڪيترائي ڪتاب رياستي عتاب هيٺ اچي خلقِ عام جي نظر کان اوجهل بڻايا ويا. اسان جو مقصد اِهو ئي هوندو ته اسين سڀني سنڌي ڪتابن کي نيٽ تي مفت مهيا ڪريون. اسين انهيءَ مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهون ٿا، انهيءَ جو دارومدار اسان جي اڻٿڪ محنتن سان گڏوگڏ توهان طرفان ملندڙ موٽ تي پڻ هوندو. هزارن جي تعداد ۾ ڪتابن جي خريداري، ڪمپوزنگ، پروف ريڊنگ کان وٺي انٽرنيٽ تي پبلشنگ تائين اسان کي ڪيترن ئي مرحلڻ مان گذرڻو ٿو پوي.
اسان
هر شخص ءِ
اداري جي مدد
جا شڪرگذار
آهيون جن اسان
جي هن
جدوجهد م سات ڏ
سنڌ
لائبريري ( سنڌي
سنگتيوڪي